اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين جي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۽ توشه خانا نيب جاچ ڪيس ۾ ضمانت واريون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رجسٽرار آفيس ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ 7 نومبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.جسٽس طارق محمود جهانگيري هڪ مهيني جي موڪل بعد واپسي تي بينچ ۾ شامل ٿي ويو آهي.
