نيب قانون تحت فوجي آفيسرن ۽ ججن جو به احتساب ٿي سگهي ٿو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) نيب قانون ۾ ترميمن واري ڪيس سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه منصور علي شاهه جو 15 سيپٽمبر جي فيصلي سان اختلافي نوٽ جاري ڪيو ويو آهي. نيب قانون ۾ ترميم بابت فيصلي تي جسٽس منصور علي شاهه 27 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته عدليا قانونسازي جو تڏهن جائزو وٺي سگهي ٿي جڏهن اها بنيادي انساني حقن سان ٽڪراءَ ۾ هجي. جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته اختلاف راءِ رکڻ وارو هجوم جي پاسي نه، مستقبل جي ڏسا ۾ هلندو آهي، عدالتن کي پاپولر سياسي بيانيي تي نه هلڻو هوندو آهي،عوامي جذبن جي خلاف وڃي ڪري به آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڏيڻا هوندا آهن. هن پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته ادارن وچ ۾ توازن ان ئي صورت ۾ قائم رهي سگهي ٿو جڏهن احترام جو گڏيل تعلق هجي، عدليا ايستائين صبر جو مظاهرو ڪرڻ جيستائين آئيني حدن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي. جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي نوٽ ۾ اِهو به لکيو ته درخواست گذار نيب ترميمن کي عوامي مفاد جي ابتڙ ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، مان آئين جي آرٽيڪل 8 ٻه تحت درخواست کي ميرٽ تي پورو نه لهڻ سبب خارج ڪيان ٿو. معزز جج پنهنجي نوٽ ۾ لکيو آهي ته پارليامينٽ طرفان جوڙيل سمورا قانون نيٺ ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ بنيادي حقن تائين پهچندا آهن، نيب قانون تحت ججن ۽ فوجي آفيسرن جو احتساب ٿي سگهي ٿو، ڪيس جي 50 ٻڌڻين تي سوال ڪيوته ڇا فوجي آفيسرن ۽ ججن جو احتساب ٿي سگهي ٿو؟ فوجي آفيسرن ۽ ججن به نيب ترميمن تحت قابِل احتساب آهن، تاثر آهي ته فوجي آفيسرن ۽ ججن جي ڪرپشن جو ڪو به احتساب نه ٿو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو