اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون بحال ڪري ڇڏيون آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلن ۽ نواز شريف جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي به ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل بينچ سمورين درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.نواز شريف طرفان امجد پرويز ايڊووڪيٽ ۽ اعظم نذير تارڙ پيش ٿيا، نواز شريف به عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته پراسيڪيوٽر جنرل نيب پراسيڪيوشن ٽيم سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل نيب جو چوڻ هو ته نيب کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون بحال ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي. تاثر ڏنو پيو وڃي ته نيب هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن پر اهڙي صورتحال ناهي.جيڪڏهن اشتهاري عدالت آڏو سرنڈر ڪيو آهي ته سندس اپيل بحال ڪئي وڃي.پراسيڪيوٽر جنرل نيب چيو ته چيئرمين نيب ۽ پاڻ ان ڳالهه تي متفق آهن ته پهرين مرحلي ۾ اپيلن کي بحال ڪرڻ تي اعتراض نه ڪندا. جيڪڏهن اپيلون بحال ٿيون ته ثبوتن جو جائزو وٺي عدالت ۾ موقف وٺنداسين.
