نيب جوابدارن جي 10 سالن جي نااهلي جو مدو بحال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب جوابدارن جي 10 سالن جي نااهلي واري مدي کي بحال ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس تمن رفعت امتياز نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ سينيئر اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب محمد رفيع عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته نااهلي بابت 62 ون ايڇ ۾ ڇا لکيل آهي؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر نيب جي جوابدار جي 10 سالن جي نااهلي جي حق ۾ دليل ڏيندي چيو ته فائق علي جمالي جي سزا سپريم ڪورٽ برقرار رکي آهي ۽ نيب قانون موجب نااهلي 10 سال رهندي.نيب پراسيڪيوٽر جي دليلن کانپوءِ عدالت سنگل بينچ جو فيصلو معطل ڪندي ان تي حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عدالت نيب جي جوابدار جي 10 سالن جي نااهلي واري مدي کي بحال ڪري ڇڏيو.ياد رهي ته سنگل بينچ نااهلي جي مدت 10 سال بدران 5 سال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو