اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته ايف بي آر جو رڪارڊ پرڏيهه مان حاصل ڪيو ويو آهي، عدالت ۾ قابل قبول ثبوت پيش نٿو ڪري سگهجي.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل 3 رڪني بينچ نيب ۾ ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ڪالهه اسان نيب ترميمي قانون ۾ هڪ ٻي شيءِ ڏٺي، گڏيل قانوني تعاون تحت حاصل ڪيل ثبوتن جي حيثيت ختم ڪئي وئي، هاڻي نيب کي اتي ئي خدمتون وٺڻيون پونديون جيڪي مهانگيون پونديون. ڪالهه ٻڌايو ته گڏيل قانوني تعاون کانسواءِ پرڏيهه مان ملڪيتن جا اطلاع مليا آهن، ان ذريعن مان حاصل ڪيل ثبوت قانون ۾ قابل قبول ناهن.نيب پراسيڪيوٽر طرفان نيب ۾ ترميم کانپوءِ ريفرنسز جي واپسي بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب ترميمي رپورٽ جمع ڪرائي آهي؟ نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته نيب رپورٽ ڏني آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ايف بي آر جو پرڏيهه مان حاصل ڪيل رڪارڊ عدالت ۾ قابل قبول ثبوت طور پيش نٿو ڪري سگهجي، ڇا شڪايت ڪندڙ جا حق پاڪستان جي آئين ۾ درج آهن؟ وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته آئين ۾ رڳو جوابدارن جي حقن ۽ فيئر ٽرائل جو ذڪر آهي، پاڪستان جو آئين شڪايت ڪندڙ جي حقن جي ڳالهه نٿو ڪري.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ايف بي آر کي مليل معلومات کي ثبوت طور استعمال نٿو ڪري سگهجي، جوابدارن وٽان هٿ آيل مواد نيب کي ثابت ڪرڻو پوندو، جنهن تي مخدوم علي خان چيو ته عدالتن کي ثبوتن کي ڏسي قانوني طور تي به فيصلا ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن اهي پنهنجي ملڪ مان آهن. سوئس عدالتن آصف زرداري خلاف سندن ملڪ جا ثبوت قبول نه ڪيا.
نيب ترميمن مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ آصف زرداري ۽ شاهد خاقان به شامل
قومي احتساب بيورو نيب قانون ترميمن مان فائدو حاصل ڪندڙ جوابدارن بابت سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي هلندڙ سال 30 آگسٽ تائين 12ريفرنسز نيب عدالتن مان منتقل ٿيا، ترميمن مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ آصف علي زرداري ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به شامل آهن نيب رپورٽ موجب خورشيد شاهه، منظور قادر ڪاڪا ۽ خواجه انور مجيد جا نيب ڪيس منتقل ٿيا، جعلي اڪائونٽس ڪيس جو مک جوابدار حسين لوائي جو ڪيس به نيب جي دائره اختيارمان نڪري ويو آصف زرداري جي خلاف پارڪ لين ريفرنس احتسان عدالت ترميم بعد واپس ڪري ڇڏيو، اومني گروپ جي عبدالغني مجيد خلاف نيب ڪيس به احتساب عدالت واپس ڪري ڇڏيو، هلندڙ سال مجموعي طور 22 ڪيس احتساب عدالتن مان واپس ٿيا، نيب ترميم بعد 25 ڪيس ٻينفورمز کي منتقل ڪيا ويا