نيب ترميمي ڪيس ۾ خان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيب ترميمي بل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف وفاقي حڪومت جي اپيل تي سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ نيب جي ترميمي بل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف وفاقي حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل نيب عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته ان ڪيس ۾ وفاقي حڪومت جا دليل مڃينداسين، جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي جي حمايت ڪريون ٿا.ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته پارليامينٽ جي نيب ترميمن جي حمايت ڪريون ٿا، جڏهن ته پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته وفاقي حڪومت جي موقف جي حمايت ڪريون ٿا. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ باني ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو ته قدم کنيا وڃن، جڏهن ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان پي ٽي آءِ باني کي چيو هو ته وڪيل طور پيش ٿيو. پوءِ جيل اختيارين کي قدم کڻڻ گهرجن.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته عدالتي ڪارروائي رڳو قانوني نقطن تائين محدود رهندي، جڏهن ته اٽارني جنرل چيو ته خواجا حارث پاران اهم ڪيس ۾ دليل ڏنا ويا. جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته پي ٽي آءِ باني پارٽيون آهن انهن کي ٻڌڻ گهرجي.جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته هي معاملو نيب جي پوليٽيڪل انجنيئرنگ ۾ ملوث هجڻ سان آهي، پي ٽي آءِ جو باني وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ چاهي ٿو ته باني پي ٽي آءِ پيش ٿيڻ چاهي ته ڪيئن روڪي سگهون ٿا. وڪيل مخدوم علي خان چيو ته باني پي ٽي آءِ وڊيو ذريعي يا وڪيل ذريعي نمائندگي ڪري سگهي ٿي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هي ڪيس ذاتي حقن جو ناهي. معاملو قانون جي شقن ۾ ترميم جو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ڇا اهڙن شهرين کي هر صورت ۾ نمائندگي ملڻ گهرجي، ڪيس جو تعلق ترميمن جي صحيح يا غلط هجڻ سان آهي.فاروق ايڇ نائيڪ انفرادي درخواستگذار جي وڪيل طور پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته سوال اهو آهي ته بنيادي اپيلون قابل سماعت هيون يا نه. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پي ٽي آءِ جو باني چاهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي وڊيو لنڪ ذريعي دليل ڏئي سگهي ٿو، وڊيو لنڪ ذريعي دليل ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، ڪيتري وقت تائين وڊيو لنڪ جو بندوبست ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو