سکر (ن س)سکر جي عدالت بغاوت ڪيس ۾ نامزد قومپرست اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو، پنهل ساريو ۽ ٻين جي گرفتاريءَ کان اڳ واري عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر جي عدالت 50-50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي 19 سيپٽمبر تي رهبر ڪميٽي جي سڏ تي قومپرست اڳواڻن پاران سکر پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻڻ تي سندن خلاف بغاوت ۽ ٻين الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو، پنهل ساريو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو
