نوري آباد پراجيڪٽ ڪيس ۾ مراد شاهه خلاف دليل طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت نوري آباد پاور پراجيڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي سگهي ٿي يا نه ڪرڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا آهن.احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف نوري آباد پاور پراجيڪٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي 8 نومبر تي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو.ٻڌڻي جي شروعات تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اڄ رڳو مراد علي شاهه پيش ٿيو آهي.وڪيل سعد هاشمي چيو ته ڪيس کي اسلام آباد جي احتساب عدالت مان ڪراچي منتقل ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرڻي آهي.جج محمد بشير سعد هاشمي کان سوال ڪيو ته اوهان جو ڪير آهي؟ايڊووڪيٽ سعد هاشمي چيو ته مان مراد علي شاهه طرفان جوابدار نمبر 4 آهيان. احتساب عدالت جي جج جوابدارن کي غير حاضري ۾ روسٽرم تي ويهاريو.جج محمد بشير چيو ته جوابدار کي عدالت ۾ ويهڻ گهرجي وڪيل سعد هاشمي چيو ته وفاقي حڪومت به اپيل ۾ حڪم نامو ڏيڻ لاءِ الڳ درخواست داخل ڪئي آهي، مراد علي شاهه خلاف ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو، ڊگهي تاريخ جوڙي وئي، انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرڻي آهي.جج محمد بشير وڪيل سعد هاشمي سان ڳالهائيندي چيو ته صبر ڪر، ڪهڙي جلدي آهي؟ احتساب عدالت مراد علي شاهه خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.جج چيو ته جيڪي جوابدار پيش نه ٿيا انهن کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو