نواز ۽ زرداري خلاف توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نوازشريف ۽ آصف زرداري جي خلاف توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوازشريف، آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني سميت ٻين جوابدارن خلاف توشه خانه گاڏين جي نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.نيب طرفان ضمني ريفرنس داخل نه ڪيو ويو. جج محمد بشير اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڪيسز جي ٻڌڻي هجڻ سبب هن ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ هاڻ ايندڙ ٻڌڻي 15 جنوري تي ٿيندي.احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنس موجب يوسف رضا گيلاني تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف کي غيرقانوني طور تي گاڏيون الاٽ ڪرڻ جو الزم آهي. ريفرنس موجب آصف زرداري ۽ نوازشريف جون ڪارون صرف 15 سيڪڙو قيمت ادا ڪري توشه خانه مان حاصل ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو