نواز شريف جي ڪاغذن تي اعتراض، ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ)ايبٽ آباد ۾ اليڪشن ٽربيونل مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض واري معاملي جي ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي،ٻڌڻي دوران نواز شريف طرفان بئريسٽر جهانگير جدون ٽربيونل ۾ پيش ٿيو،اليڪشن ٽربيونل چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جي نااهلي جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي،واضح رهي ته اين اي 15 مانسهره مان اعظم خان سواتي نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ چيلينج ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو