اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ڪيس ۾ نوازشريف جي حفاظتي ضمانت جي درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب کي هدايت ڪئي آهي ته سڀاڻي درخواست تي دليل ڏنا وڃن،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل بينچ نواز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، نواز شريف پاران توشه خانه ڪيس ۾ به حفاظتي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي










