اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعطم نواز شريف خلاف توشه خانه ريفرنس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس۾ ن ليگ قائد نواز شريف جي جائيداد ضبطگي جو آرڊر واپس وٺندي ضبط ٿيل جائيداد ۽ اثاثا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جي جائيداد واپسي جو حڪم جاري ڪيو.عدالت نواز شريف جي پراپرٽيز، گاڏيون ۽ بئنڪ اڪائنٽس واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
