نواز جو ڪيس ميرٽ تي ٻڌڻ جو فيصلو،نيب اپيل رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيا ريفرنس تي اپيل ميرٽ تي ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس ۽ نواز شريف جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن ڪئي، نواز شريف جو وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ ۽ نيب پراسيڪيوٽر به عدالت ۾ پيش ٿيا.امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته نيب سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ريفرنس داخل ڪيا، جن ۾ هڪ جهڙو الزام هو، فليگ شپ ريفرنس ۾ احتساب عدالت نواز شريف کي آزاد ڪري ڇڏيو هو پر هڪ ئي الزام تي الڳ الڳ ريفرنس داخل ڪيا ويا، اسان درخواست ڏني هئي ته هڪ الزام تي رڳو هڪ ئي ريفرنس داخل ٿيڻ گهرجي ها، عدالت هن وقت چيو هو ٽرائل الڳ الڳ ٿي رهيو آهي پر فيصلو گڏ ٻڌايو ويندو. هن چيو عدالت کي ڏسڻو آهي ته پراسيڪيوشن ان ڪيس ۾ لاڳو الزام کي ثابت ڪيو يا نه، جنهن تي چيف جسٽس چيو اهو ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ الزام ڪهڙو هو؟نواز شريف جي وڪيل ٻڌايو ته ان ريفرنس ۾ به آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام هو، ان ڪيس ۾ 22 شاهد آهن، جن مان اڪثر رڪارڊ بابت شاهد آهن، 22 مان 13 شاهدن رڳو بئنڪن جو رڪارڊ پيش ڪيو، اهي اکين ڏٺا شاهد ناهن، 5 شاهد سيزر ميمو جا آهن، 2 شاهد ڪال اپ نوٽيس کڻي ويندڙ هئا. وڪيل چيو ته العزيزيا اسٽيل ملز 2001 ۽ هل ميٽل اسٽيبلشمينٽ 2005 ۾ ٺاهي وئي، جڏهن العزيزيا ملز لڳائي وئي ته حسين نواز جي عمر 28 سال هئي، نواز شريف جو اهو ڪيس گذريل ڪيس کان به بهتر آهي ته هو ان عرصي ۾ پبلڪ آفيس هولڊر به نه هو. نيب پراسيڪيوٽر چيو اهي ميرٽس تي بحث ڪري رهيا آهن، انهن جون ڪجهه الڳ درخواستون به آهن، يا ته اهي پنهنجون درخواستون واپس وٺن، جنهن تي وڪيل چيو ته ها جج جي وڊيو بابت درخواستون آهن. نيب پراسيڪيوٽر چيو ان بابت مريم نواز به پريس ڪانفرنس ڪئي هئي ۽ معاملو سپريم ڪورٽ ويو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيا ملز ريفرنس ميرٽ تي ٻڌڻ جو فيصلو ڪندي ڪيس ٻيهر ٻڌڻي لاءِ احتساب عدالت موڪلڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو