نواز جا ڪاغذ منظوري خلاف درخواست تي آر او طلب

لاهور(ويب ڊيسڪ) اپيلٽ ٽربيونل نواز شريف جي ڪاغذن جي منظوري خلاف داخل اپيل تي آر او کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.اپيليٽ ٽربيونل اپيل تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا ۽ ٽربيونل نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف داخل اپيل تي ريٽرننگ آفيسر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.واضح رهي ته اشتياق احمد اين اي 130 تان نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل داخل ڪئي هئي. لاهور جي اپيليٽ ٽربيونل ۾ هن وقت تائين 40 کان وڌيڪ اپيلون داخل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته اڄ اپيلون داخل ڪرڻ جو آخري ڏينهن آهي، ٽربيونل 10 جنوري تائين اپيلن تي فيصلو ٻڌائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو