نواز، زرداري ۽ گيلاني خلاف توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، يوسف رضا گيلاني، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ٻين خلاف توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.توشه خانه ريفرنس ۾ آصف زرداري، نوازشريف، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين جي خلاف احتساب عدالت جي جج محمد بشير ٻڌڻي ڪئي نوازشريف جا وڪيل قاضي مصباح، ارشد تبريز، نيب پراسيڪيوٽر عرفان بهولا ۽ سهيل عارف عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران وڪيل صفائي چيو ته سوال ڏنا ويا آهن، پراسيڪيوٽر عدالت ۾ چيو ته وڌيڪ ڪارروائي ٿيندي ان لاءِ ڪجهه وقت گهرجي. وڪيل صفائي قاضي مصباح عدالت ۾ چيو ته نوازشريف جاچ ۾ شامل ٿي چڪو آهي. سوالنامو ڏنو ويو هو. 2019 ۾ نيب طرفان ريفرنس تيار ڪيو ويو هو. ان وقت نوازشريف تمام گهڻو بيمار هو.قاضي مصباح چيو ته نوازشريف طرفان گاڏي وٺڻ جو ڪوبه مطالبو نه ڪيو ويو هو، ڪوبه دستاويز موجود نه آهي جنهن مان اهو ثابت ٿي سگهي ته نوازشريف طرفان گاڏي جي گهر ڪئي وئي هئي. جنهن تي عدالت نيب کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪيو وڃي؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هن وقت ڏنل بيانن تي نظر ثاني ڪنداسين جنهن کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.احتساب عدالت وڪيلن جا بيان ٻڌڻ کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو