نسيم نگر گولي لڳل لاش هٿ، واقعو خودڪشي قرار

نسيم نگر گولي لڳل لاش هٿ، واقعو خودڪشي قرار

حيدرآباد (ن س)قاسم آباد جي نسيم نگر ٿاڻي جي حدن اندر گولي لڳل لاش ملڻ بعد علائقي ۾ هڙٻون مچي وئي. اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو.پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ 40 ورهين جي رياض ميمڻ طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي ڪجهه عرصي کان ٽي بي (TB) جي موذي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ بيماري کان تنگ ٿي مبينا طور پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري زندگي جو انت آندو.لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ پڙتال جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو