نابالغ ڇوڪري جو نڪاح ڪرائيندڙ خلاف ڪارروائي جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ نابالغ ڇوڪري جي شادي واري ڪيس ۾ نڪاح خون خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جسٽس انوار الحق پنو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نابالغ ڇوڪريءَ جي شادي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، دارالامان مان لڏي آيل نابالغ ڇوڪري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته ڇوڪريءَ جي عمر 15 سال آهي، جنهن سان زبردستي شادي ڪئي وئي، ڇوڪريءَ جي اغوا جو ڪيس شاهدره ۾ داخل آهي.ٻڌڻي دوران جسٽس انوار الحق پنو ڇوڪري کان پڇاڻو ڪيو ته پٽ ڇا تو پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي؟ ڇوڪري عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته ها مون پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي.عدالت ڇوڪريءَ کان ٻيهر پڇيو ته تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟ ان تي ڇوڪريءَ عدالت کي ٻڌايو ته سندس عمر 15 کان 16 سالن جي وچ ۾ آهي.جنهن بعد عدالت جوڊيشل مئجسٽريٽ کي ڪيس جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.جسٽس انوار الحق حڪم ڏنو ۽ وڌيڪ چيو ته نڪاح خون خلاف استغاثه داخل ڪيو وڃي ته ننڍي ڇوڪري سان شادي ڪيئن ٿي؟

پهنجو تبصرو موڪليو