نئون يونٽ 3900 جوانن تي آهي جيڪو هر وقت تيار رهندو،ايف سي

نئون يونٽ 3900 جوانن تي آهي جيڪو هر وقت تيار رهندو،ايف سي

پشاور(ويب ڊيسڪ) ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) محمد رياض نذير چيو آهي ته ايف سي جي نئين يونٽ ۾ 3900 سپاهي شامل هوندا ۽ ڪنهن به نئين ذميواري لاءِ موجود هوندا. ڪمانڊنٽ ايف سي چيو ته فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو نالو تبديل ڪرڻ ۽ خيبر پختونخواه جا حق کسڻ جي ڳالهين ۾ ڪا به سچائي ناهي، ايف سي جي ٻيهر تنظيم جو مقصد ڪمانڊ اسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ آهي.هن چيو ته 24 هزار ماڻهن تي مشتمل ايف سي جو سينٽرل سيڪيورٽي ڊويزن باقي رهندو، صرف هڪ نئون يونٽ قائم ڪيو پيو وڃي، نئين يونٽ کي چئني صوبن مان ڀرتي ڪيو ويندو ۽ 3900 سپاهين تي مشتمل هي نئون يونٽ ڪنهن به وقت ڪنهن به نئين ذميواري لاءِ موجود هوندو.ڪمانڊنٽ ايف سي محمد رياض نذير چيو ته هاڻي گهٽ ۾ گهٽ 300 اهڙيون پوسٽون هونديون جن تي اسان جي ڪانسٽيبلن کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي، ساڳئي طرح، سينئر رينڪس کي به ترقي ڏني ويندي.هن وڌيڪ چيو ته ايف سي ڪرڪيٽ ميچن، چونڊن ۽ محرم دوران سيڪيورٽي سميت فرض پڻ سرانجام ڏئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو