نئون قرض پروگرام: آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي درخواست منظور

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) وچ ۾ نئين قرض پروگرام تي اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي 6 کان 8 ارب ڊالر جي پيڪيج جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف کي 2 درخواستون ڏنيون ويون، ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسليٽي جي درخوست منظور ٿي، موسمياتي تبديلين جي نقصان جي فنڊنگ جي درخواست تي آءِ ايم ايف غور ڪندو.ذريعن چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي نقصانن جي ازالي لاءِ به اضافي 1.2 ارب ڊالر فنڊ پروگرام جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن ڳالهين لاءِ ايندڙ مهيني پاڪستان ايندو. ڳالهيون نئين قرض پروگرام ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پروپوزل تي ٿينديون.ذريعن ٻڌايو آهي ته مشن نئين قرض پروگرام ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي تياري ۾ معاشي ٽيم سان ڪم ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو