ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ عدالتي حڪم باوجود 12 سالن کان پيپر بوڪ نه ٺهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، عدالت پراسيڪيوشن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي،سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو سوال ڪيو ته ڪيس جو پيپر بوڪ ٺاهڻ جو ڪڏهن حڪم ڏنو ويو هو؟،پراسيڪيوشن جي وڪيل چيو ته عدالت 2011 ۾ اپيلن جا ڪاغذ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته 2011 جي حڪم تي اڃا عمل نه ٿيو آهي،عدالت پاران ٽن ڏينهن اندر ڪيس جو پيپر بوڪ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته سخت حڪم جاري ڪنداسين عدالت اپيلن جي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا 2010 ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي،20 سيپٽمبر 1996 تي ڪراچي پوليس پاران ستر ڪلفٽن واري علائقي ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو هو
