ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب خلاف فيصلو محفوظ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو وڃي،سنڌ هاءِ ڪورٽ جماعت اسلامي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، فيصلو اڄ ئي ٻڌائڻ جا امڪان آهن،جسٽس عقيل عباسي سوال ڪيو ته ڇا ميئر کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت آهي؟ جماعت اسلامي جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته ميئر ضمني چونڊ ۾ حصو وٺي سگهي ٿو پر ضابطن جي ڀڃڪڙي نه ٿو ڪري سگهي،جماعت اسلامي جي وڪيل ٻڌايو ته ميئر پنهنجي چونڊ مهم لاءِ سرڪاري مشينري ۽ وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي،عدالت جماعت اسلامي جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو