موٽر وي ڪرپشن، ضمانت وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ

حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد سکر موٽر وي ڪرپشن ڪيس جي جوابدارن جي ضمانت وارين درخواستن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جوابدارن جي وڪيلن طرفان درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.رپورٽ موجب حيدرآباد جي مقامي عدالت ۾ حيدرآباد سکر موٽر وي ڪرپشن ڪيس ۾ ملوث مٽياري جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر عدنان رشيد، سنڌ بينڪ جي مئنيجر تابش علي شاهه، معشوق چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت جي درخواست تي وڪيلن عدالت ۾ دليل پيش ڪيا جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته حيدرآباد، نوشهروفيروز موٽر وي ڪرپشن ريفرنس ۾ جوابدارن کان وصولي ٿي چڪي آهي ان جي باوجود اسان جي موڪلن کي آزاد نه پيو ڪيو وڃي.وڪيلن عدالتن کان استدعا ڪئي ته اسان جي موڪلن کي فوري طور تي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي. جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو