مونس الاهي جا 8 بئنڪ اڪائونٽ ۽ 6 ملڪيتون منجمند

لاهور(ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف اڳواڻ مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهور ۾ سندس 8 مختلف بئنڪ اڪائونٽس ۽ 6 ملڪيتون منجمند ڪيون ويون آهن.دستاويزن موجب مونس الاهي مختلف بئنڪ اڪائونٽس مان 48 ڪروڙ 76 لک کان وڌيڪ رقم واپس ورتي.دستاويز موجب رقم جمع ڪرائڻ ۽ ڪڍڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ سمورا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا آهن.دستاويز موجب مونس الاهي جون 6 مختلف ملڪيتون به منجمند ڪيون ويون آهن، 5 قصور ۽ هڪ راولپنڊي ۾ آهي.دستاويز ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مونس الاهي مني لانڊرنگ ذريعي ملڪيتون ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو