مولانا ڪابل پهچي ويو، آجيان،دوري جو هاڪاري اثر پوندو، امير خان

ڪابل(ويب ڊيسڪ)جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪابل پهچي ويو، جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري موجب ايئرپورٽ تي افغان اڳواڻن جو شاندار استقبال ڪيو ويو، مولانا فضل الرحمان سان نائب صدر مولوي عبدالڪبير ملاقات ڪئي،افغان پرڏيهي وزير مولوي عامر متقي، مولوي عبدالطيف منصور ۽ ٻيا به موجود هئا،ملا امير خان متقي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو ڪابل پهچڻ تي اسان ان جا شڪر گذار آهيون،مولانا فضل الرحمان جي ڪابل دوري جا هاڪاري اثر پوندا،مولانا صاحب هڪ علمي ۽ سياسي شخصيت آهي،مولانا صاحب جو سياسي ميدان ۾ اهم ڪردار آهي اسان جي قيادت کي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪنداسين،افغانستان جو پيغام پاڪستاني اختيارين تائين پهچايو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو