مولانا فضل الرحمان پي پي بعد نون ليگ تي به ڪاوڙجي پيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان نواز ليگتي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چونڊ سڌارن بابت حڪومت سان تعاون واري بيان تي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کان وضاهت طلب ڪري ورتي آهي. هن شاهد خاقان عباسي سان فون تي رابطي دوران کيس چيو ته جڏهن پي ڊي ايم فيصلو ڪري چڪي آهي ته حڪومت سان ڪنهن پليٽ فارم تي ناهي ويهڻو ته پوءِ چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي ۾ ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهجَي؟ هن چيو ته جَي يو آءِ (ف) چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي جو حصو نه هوندي، اتحاد جو حصو هجڻ سبب نون ليگ کي به پي ڊي ايم کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو