مولانا جي سراج ۽ عبدالغني سان ملاقات،مختلف مامرن تي ڳالهيون

ڪابل(ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دوري دوران اسلامي امارت جي گهرو وزير خليفي سراج الدين حقاني جي ملاقات ڪئي،ملاقات ۾ پناهگيرن وارو وزير حاجي خليل الرحمان ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا،گهرو وزير خليفي سراج الدين مولانا فضل الرحمان جي افغانستان جي دوري تي آجيان ڪئي، جمعيت علماءِ اسلام جو مرڪزي ميڊيا سيل موجب گهرو وزير خليفي سراج الدين مولانا فضل الرحمان کي افغانستان جي اندروني صورتحال بابت آگاهه ڪيو،مولانا فضل الرحمان ٻنهي ملڪن وچ ۾ خليفي سراج الدين جي ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو، مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي دوري جو بنيادي مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ اندروني ۽ بيروني استحڪام آڻڻ آهي،ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار وڌندو ته خوشحالي ۽ امن ايندو،پاڪستاني قوم افغانستان جي عوام سان هر ممڪن تعاون لاءِ تيار آهي، خليفي سراج الدين چيو ته پاڪستان سان اندروني معاملن تي بهتر لاڳاپا چاهين ٿا،پاڪستان ۽ افغانستان سرحدي مسئلن تي ڳالهين ۽ گڏيل تعاون سان اڳتي وڌڻ چاهين ٿا،افغان پناهگيرن واري وزير حليل الرحمان حقاني پاڪستان مان افغان پناهگيرن جي بي دخلي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي،افغان پناهگيرن سان پاڪستان جو ناروا سلوڪ ختم ٿيڻ گهرجي،پاڪستان حڪومت کي گهرجي ها ته رضاڪارانه طور تي افغان پناهگيرن جي واپسي لاءِ وقت ڏنو وڃي، مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن سان ٿيندڙ بدسلوڪي تي آواز اٿاريو، ان کانپوءِ مولانا فضل الرحمان افغانستان جي نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ بچاءَ وارو وزير ملا يعقوب، پرڏيهي وزير ملا امير متقي، واپار وارو وزير ۽ ٻيا وزير موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو