موبائل شاپ تي ڦورن جي  وڏي واردات، قيمتي فون ڦري فرار

موبائل شاپ تي ڦورن جي وڏي واردات، قيمتي فون ڦري فرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڊفينس بدر ڪمرشل علائقي جي ويجهو هڪ موبائل فون جي دڪان تي هٿياربند ڌاڙيلن هڪ وڏو ڏوهه ڪيو، بندوق جي زور تي قيمتي موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا. گهرو وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڏکڻ کي چوري ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري ۽ چوري ٿيل موبائل فون جي بازيابي جا حڪم جاري ڪيا.پوليس موجب، جوابدار موبائل فونن سان ڀريل هڪ ڪارٽون کڻي ويا، جنهن جي قيمت 40 کان 50 لک رپين جي وچ ۾ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته متاثر واپاري موجب، چوري ٿيل موبائل فونن جي ڪل قيمت 90 لک رپين کان وڌيڪ آهي ۽ 40 کان وڌيڪ موبائل فون ڦريا ويا. واقعي کان پوءِ پوليس موقعي تي پهچي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.علائقي جي واپارين ڦرلٽ خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سان ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو