منظور پشتين 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت منظور پشتين کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.منظور پشتين کي اي ٽي سي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.وڪيل صفائي عدالت ۾ چيو ته ريلي ڪرڻ اسان جو حق آهي، بلوچستان ۾ منظور پشتين جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي.واضح رهي ته پشتون تحفظ مومينٽ (پي ٽي ايم) جي سربراهه منظور پشتين کي 4 ڊسمبر تي چمن مان گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو