لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.احتساب عدالت جي جج نسيم احمد ورڪ نيب جي درخواست تي ڪارروائي ڪندي گجرات جي ترقياتي منصوبن ۾ مبينه طور تي هڪ ارب کان وڌيڪ ڪرپشن ۽ ڪڪ بيڪس وصول ڪرڻ جي معاملي تي مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت نيب جي جاچ آفيسر کي مونس الاهي جي قانوني ۽ غير قانوني بابت تفصيلي رپورٽ 15 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.عدالت مونس الاهي جي ملڪيتن جو رڪارڊ طلب ڪندي 88 سي آر پي سي جي تحت ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. نيب چوڌري مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت درخواست داخل ڪئي هئي.
