ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون: آرمي چيف

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون مارچ کان پهريان ٿينديون.جنرل عاصم منير واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ موجود پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڪاروباري شخصيت طاهر جاويد آمريڪي خابرو اداري سان ڳالهيون ڪندي چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته لاجسٽڪس جي ڪري چونڊون ڪجهه ڏينهن اڳيان پٺيان ٿي سگهن ٿيون پر چونڊون ٿينديون ضرور هر صورت ۾ مارچ ۾ سينيٽ جي چونڊن کان اڳ ٿينديون. آرمي چيف پاڪستاني ڄاون آمريڪين سان معيشت، دهشتگردي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي خدمتن جي تعريف ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو