راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)هندستان جي سرپرستي ۾ آيل دهشتگردن بلوچستان جي مستونگ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ ميجر سميت ٽي فوجي مارجي ويا آهن.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، دهشتگردن مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي آءِ اي ڊي سان نشانو بڻايو. ڌماڪي ۾ ميجر محمد رضوان طاهر، نائيڪ ابن امين ۽ لانس نائيڪ محمد يونس شهيد ٿيا.آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز جي ڪليئرنس آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪستان فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ چيو آهي ته 31 سالن جو ميجر محمد رضوان طاهر شهيد جو تعلق نارووال سان هو، 37 سالن جو شهيد نائيڪ ابن امين صوابي ضلعي جو رهواسي هو ۽ 33 سالن جو شهيد لانس نائيڪ محمد يونس ضلعي ڪرڪ جو رهواسي هو.آءِ ايس پي آر موجب، ميجر رضوان شهيد هڪ بهادر آفيسر هو جنهن دهشتگردي خلاف ڪيترن ئي آپريشنن ۾ حصو ورتو ۽ هميشه پنهنجي سپاهين جي اڳواڻي فرنٽ لائن کان ڪئي.پاڪستان فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته ڪليئرنس آپريشن علائقي ۾ دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ جاري رهندو. سيڪيورٽي فورسز هندستان جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.










