مستونگ ۾ ڪارروائي , 3 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر ۽ سپاهي شهيد

مستونگ ۾ ڪارروائي , 3 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر ۽ سپاهي شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي مستونگ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ فتنھ الھندستان جا ٽي دهشتگرد مارجي ويا. ميجر زيد سليم ۽ سپاهي ناظم حسين هڪ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مادر وطن لاءِ قربان ٿي ويا.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، سيڪيورٽي فورسز مستونگ ضلعي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو، جنهن ۾ هندستان جي سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگرد تنظيم فتنوُل هندستان جي موجودگي جي اطلاع ملي هئي. ان دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ۽ آپريشن دوران ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. جڏهن ته هڪ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مادر وطن جو بهادر پٽ، ميجر زيد سليم اول (عمر 31، خوشاب جو رهواسي)، جيڪو فرنٽ لائن کان پنهنجي يونٽ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو ۽ شهيد ٿي ويو. ان سان گڏ، سپاهي ناظم حسين (عمر 22، جهلم جو رهواسي) پڻ شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ ڪم ڪندڙ ٻين هندستاني سرپرستي وارن دهشتگردن جي ممڪن موجودگي کي نظر ۾ رکندي ڪليئرنس ۽ سينٽائيزيشن آپريشن جاري آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ملڪ مان هندستان جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر پٽن جون اهي عظيم قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو