مستونگ ڌماڪو، جعفر ايڪسپريس جون 6 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون

مستونگ ڌماڪو، جعفر ايڪسپريس جون 6 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) مستونگ ويجهو ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي ۾ جعفر ايڪسپريس جون ڇهه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.ريلوي اختيارين موجب، جعفر ايڪسپريس صبح 9 وڳي ڪوئيٽا کان پشاور لاءِ روانو ٿي هئي ته مستونگ ويجهو ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو ٿيو جڏهن جعفر ايڪسپريس گذري رهي هئي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ جعفر ايڪسپريس جون ڇهه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، پر ڪو به مسافر زخمي نه ٿيو.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سبي ۾ ريلوي ٽريڪ تي به ڌماڪو ٿيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ جعفر ايڪسپريس حادثي کان بچي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو