ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)رياض کان اسلام آباد ويندڙ پرواز ۾ هڪ مسافر جي بيمار ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ ڪئي وئي.پي اي اي اختيارين موجب، خانگي ايئر لائن جي پرواز رياض کان اسلام آباد وڃي رهي هئي. ايراني هوائي حدن ۾ مسافر جي صحت خراب ٿي وئي.پي اي اي اختيارين موجب، پائلٽ ڪراچي ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرولر کان هنگامي لينڊنگ جي اجازت گهري. اجازت ملڻ تي، پرواز ڪراچي ۾ لينڊ ڪئي.










