مريم اورنگزيب کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مريم اورنگزيب کي 9 ڊسمبر تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،جج عبهر گل ادارن خلاف چڙ ڏياريندڙ ڳالهه ٻولهه واري ڪيس ۾ لاڳيتو پيش نه ٿيڻ تي مريم اورنگزيب جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا عدالت لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي وارنٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،چڙ ڏياريندڙ ڳالهه ٻولهه واري ڪيس ۾ مريم اورنگزيب، جاويد لطيف ۽ ٻيا جوابدار نامزد ٿيل آهن،گذريل ٻڌڻي تي جاويد لطيف جي پيش ٿيڻ تي عدالت سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ واپس وٺي ڇڏيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو