مريم اورنگزيب جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت (ن) ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مريم اورنگزيب ۽ ٻين خلاف اشتعال انگيز تقرير ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف به نامزد آهي، جيڪو اڄ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي پيشي مڪمل ڪئي.گذريل ٻڌڻي تي اڳوڻي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب عدالت ۾ پيش نه ٿي هئي ۽ هن معافي جي درخواست ڏني هئي پر هوءَ پيش نه ٿي هئي جنهن تي عدالت سندس ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.عدالت جاويد لطيف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ڪالعدم قرار ڏيندي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو