موروڪو(ويب ڊيسڪ)مراڪش ۾ 6.8 شدت جي زلزلي ۾ 296 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن جي ملبي هيٺان دٻجڻ جو خدشو آهي.زلزلي جي نتيجي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي گهر ۽ عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن.آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب ڏکڻ اولهه واري علائقي ۾ 6.8 جي شدت سان زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، زلزلي سبب ڪيتريون عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب زلزلي جو مرڪز مراڪش کان 75 ڪلوميٽر پري ائٽلس جبل جو سلسلو هو، جڏهن ته ان جي گهرائي 18.5 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.مراڪش جي گهرو وزارت تصديق ڪئي آهي ته 296 ماڻهو مري ويا آهن ۽ چيو آهي ته اسپتالن ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪئي وئي آهي. مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته زلزلي کانپوءِ وڏي علائقي ۾ بجلي بند ٿي وئي آهي، جڏهن ته يونيسڪو طرفان عالمي ورثي قرار ڏنل تاريخي عمارتن کي به نقصان پهتو آهي.
