اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ(ن) سپريم ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.(ن) ليگ طرفان داخل درخواست ۾ سني اتحاد ڪونسل حامد رضا ۽ اليڪشن ڪميشن سميت 11 پارٽين کي ڌر بنايو ويو آهي. جڏهن ته درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي 12 جولاءِ جي فيصلي تي حڪم امتناع جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪجهه نڪتن تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو بالڪل خاموش آهي ڇا سني اتحاد ڪونسل کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن؟ فيصلو خاموش آهي؟ ڇا اهڙي پارٽي کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن جنهن لسٽ ئي جمع ناهي ڪرائي؟ فيصلو خاموش آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڇا آزاد اميدوار اهڙين پارٽين ۾ شامل ٿي سگهن ٿا جنهن جو هڪ کٽيل اميدوار اسيمبلي ۾ موجود نه آهي؟ ڇا سيٽن کي خالي ڇڏيو وڃي يا انهن پارٽين ۾ ورهايون وڃن جنهن چونڊن ۾ حصو ورتو؟ سپريم ڪورٽ ڪافي نڪتن کي ٻڌو پر مختصر فيصلي ۾ ڪيترن ئي اهم نڪتن تي خاموشي آهي.










