اي جي، ڪي پي، جي بينچ ۾ چيف بابت اعتراض جي ترديد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)خيبرپختونخواهه حڪومت سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي بينچ ۾ شامل ڪرڻ تي اعتراض اٿاريو آهي.ذريعن موجب گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه جي ايڊووڪيٽ جنرل جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو.بينچ تي اعتراضن جي منظوري لاءِ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي خط لکيو ويو.خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل ڪنهن به ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس کي نه ڪرڻ گهرجي.اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته خواجا حارث ۽ 2 وڌيڪ وڪيل پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ اڊيالا ويندا.ايڊووڪيٽ جنرل آفيس ڪي پي ڪي ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل به وڪيلن جي ٽيم ۾ شامل هوندا.جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي شاهه فيصل عثمان خيل چيف جسٽس پاران بينچ ۾ شامل ٿيڻ تي اعتراض وارين خبرن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪي پي حڪومت بينچ تي اعتراضن بابت ڪا به هدايت ناهي ڏني. ايڊووڪيٽ جنرل جي حيثيت سان سمورا جج ڀروسي جوڳا آهن.ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته چيف جسٽس جي بئنچ ۾ شامل ٿيڻ تي اعتراض بابت ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي جي آفيس ۾ ملاقات ناهي ٿي.شاهه فيصل اتمان خيل چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير کي خط لکڻ جي خبر به من گھڙت آهي.عدليه ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي ۽ ڪجهه سيٽن بابت ڪيس خراب ڪرڻ لاءِ ڪوڙا خبرون پکيڙي رهيون آهن، اسان کي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن تي مڪمل اعتماد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو