مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ 3 فوت ۽ 3 ٻيا زخمي ٿي پيا

ڪراچي (نمائندن وٽان) اڏيرولال 71 موري روھڙي ڪئينال وٽ ٽرڪ ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ علي مراد، حاجي خاصخيلي، عبدالله خاصخيلي ۽ عامر خاصخيلي زخمي ٿي پيا،  زخمين کي مٽياري اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي علي مراد خاصخيلي زخمن جا سور نه  سهندي دم ڏئي ڇڏيو . ٻئي پاسي مورو ڀرسان قومي شاھراھه تي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت ٿي ويو، نوجوان جي سڃاڻپ نمروز گل خان طورٿي. هوڏانهن بڇيري ڀرسان مهراڻ نيشنل هاءِ تي لاشاري اسٽاپ وٽ نامعلوم گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، پوليس لاش کڻائي نواب شاھ اسپتال پهچايو، سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو