محمد خان جي مقرري ڪيس ۾ پرويز الاهي جي ضمانت رد

لاهور)ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن عدالت محمد خان ڀٽي کي پرنسپل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ واري ڪيس ۾ پرويز الاهي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.لاهور جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج ارشد حسين ڀٽي پرويز الاهي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پرويز الاهي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پرويز الاهي جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي ان ڪري وڌيڪ جاچ جي ضرورت ناهي.ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن استدعا ڪئي ته عدالت پرويز الاهي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ سندس ضمانت به رد ڪئي وڃي. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد پرويز الاهي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو