انٽيليجنس ايجنسين جي هرعمل جا ذميوار وزيراعظم ۽ ڪابينا آهن

انٽيليجنس ايجنسين جي هرعمل جا ذميوار وزيراعظم ۽ ڪابينا آهن

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي 7 مئي تائين ملتوي ڪندي 10 کان مٿي درخواست گذر جيڪي اڪثر بار ڪائونسلز جون آهن، انهن کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي. چيف جسٽس قاضي فائزعيسيٰ چيو ته حڪومت يا جنهن ايجنسي تي عدليا ۾ مداخلت جو الزام آهي الزام آهي، جيڪڏهن چاهين ته اٽارني جنرل معرفت جواب جمع ڪرائي سگهن ٿا. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جيڪا سپريم ڪورٽ جي يوٽيوب چينل تان براهه راست نشر ڪئي وئي، مختلف ٽي وي چينلز ۽ يوٽيوبرز به اها ڪاروائي نشر ڪئي. جن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شامل آهن. چيف جسٽس چيو ته بينچ ٺاهڻ واري ڪميٽي اسلام آباد ۾ موجود سڀني ججن کي بينچ ۾ شامل ڪري ڪيس ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو، هن چيو ته فل ڪورٽ ممڪن نه هئي ڇو ته 2 جج دستياب نه هئا. جسٽس يحيٰ آفريدي پاڻ کي بينچ کان ڌار ڪيو پر هن فل ڪورٽ جو حصو بنجڻ جي خواهش طاهر ڪئي هئي.  حڪومتي طرفان اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ملڪ جي پنجن ئي هاءِ ڪورٽس پاران موڪليل تجويزن جو خلاصو پڙهي ٻڌايو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙا ڪهڙا معاملا آهن جيڪي هاءِ ڪورٽ جي دائري ۾ نه ٿا اچن. چيف جسٽس چيو ته جسٽس يحيٰ جي ٻڌڻي کان معافي وٺڻ کي آسان معاملو نه سمجهيو وڃي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته شايد عوام کي عدليه جي آزادي کان وڌيڪ پنهنجي نقطه نظر جي پرچار ۾ دلچسپي آهي. اها ڳالهه ڏاڍي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس تصدق جيلاني تي جيڪا تنقيد ڪئي وئي، جيڪڏهن ڪو پنهنجي مرضي هن عدالت تي مسلط ڪرڻ چاهي ٿو ته اها به مداخلت آهي ۽ مداخلت اندر کان به ٿي سگهي ٿي، ٻاهر کان به ٿي سگهي ٿي، مداخلت حساس ادارن جي به ٿي سگهي ٿي، اوهان جي ساٿين، خاندانن جي ڀاتين، سوشل ميڊيا يا ڪنهن ٻئي پاسي کان به مداخلت ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عمل ذريعي ڏيکارينداسين ته مداخلت آهي يا نه. ججن جي فيصلي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي ڪيتري مداخلت آهي ۽ ڪيتري آزادي آهي، اسان نٿا سمجهون ته مداخلت واري معاملي کي سنجيدگيءَ سان نٿا وٺون. ان موقعي تي جسٽس اطهر من الله چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي لاهور هاءِ ڪورٽ به تصديق ڪئي آهي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جنهن نمووني شعر پيش ڪيا آهن اهي گهڻو ڪجهه چون ٿا، جيتوڻيڪ هنن محطاط انداز ۾ تجويزون پيش ڪيون آهن. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اسان وٽ هڪ موقعو آهي ته اهو معاملو حل ڪيو وڃي ته اهو اندروني دٻاءُ هجي يا ٻاهرين دٻاءُ کي ختم ڪرڻو پوندو اسان کي اعليٰ عدالتن ۽ عدليه کي بااختيار بڻائڻو آهي، ان حوالي سان اسان وٽ هڪ سونهري موقعو آهي ۽ اسان کي مخصوص انداز اختيار ڪرڻو پوندو. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته رڳو مداخلت نه پر اسان جي ٻن ججن کي نشانو بڻايو ويو، جيڪڏهن ڪو مثبت تجويز ڏيڻ چاهي ته هو (ڪيس ۾) ڌر آهي يا نه، ڏئي سگهي ٿو.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو نوٽيس ورتو آهي، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه چيو ته مداخلت جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ گهرجن. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن منهنجي ڪم ۾ مداخلت ٿي رهي آهي ۽ مان روڪي نٿو سگهان ته بهتر آهي ته گهر هليو وڃان. جسٽس اطهر من الله چيو ته رياست کي ججن ۽ عدليه جي آزادي جو تحفظ ڪرڻو آهي، جسٽس بابر ستار سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هو سپريم ڪورٽ جي تاريخ جو ذميوار ناهي. مان صرف ان ڏينهن کان ذميوار آهيان جنهن ڏينهن مان چيف جسٽس بڻيو آهيان. مان سڀني جي گڏيل صلاح سان اڳتي وڌڻ جو رواج وڌو آهي، جيڪو اڳ ۾ نه هو. چيف جسٽس، اي جي پي اعواڻ کان پڇيو ته ڇا هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فل ڪورت پاران موڪليل سفارشن کي پڙهيو آهي ته اعواڻ نفي ۾ جواب ڏنو. جسٽس عيسيٰ اعواڻ کان پڇاڻو ڪيو ته معاملي کي ڪيئن اڳتي وڌايو وڃي؟ ان تي  جسٽس  اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته هي سفارشون يا تجويزون نه پر چارج شيٽ آهي. اي جي پي پاران تجويزون بلند آواز ۾ پڙهڻ کانپوءِ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي هاءِ ڪورٽ جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. اعليٰ عدالتن جي معاملن ۾ مداخلت جا نتيجا ماضي ۾ سٺا ناهن رهيا. جسٽس من الله چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سفارشن مان ته لڳي ٿو ته هو شڪايت پيا ڪن ته لڳاتار مداخلت هلي پئي. جڏهن چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ کي آئين موجب انهن تجويزن تي عمل ڪرڻ جو اختيار ناهي، اي جي پي اعواڻ جواب ڏنو ته ان کي سمورن نقطن تي ڪارروائي جو اختيار آهي. هڪ موقعي تي جسٽس من الله زور ڀريندي چيو ته جيڪڏهن رياست ڪنهن جج خلاف جارحيت اختيار ڪري ٿي ته ان کي سموريون هاءِ ڪورٽون اجاگر ڪنديون ۽ اهو هڪ سنگين معاملو آهي. هن وڌيڪ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ به مداخلت جي الزامن جي توثيق ڪري رهي آهي. جسٽس من الله انڪشاف ڪيو ته جج مٿن دٻاءَ وارن واقعن جي رپورٽنگ کان ڊڄن ٿا. جسٽس بابر ستار سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ سندس ذاتي ڊيٽا جنهن تائين ڪو پرائيويٽ ماڻهو نه ٿو پهچي سگهي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ويو. اها ڌمڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”رياست ججن ۽ عدليه جي آزادي جي حفاظت ڪرڻ جي ذميوار آهي. جڏهن رياست پاڻ جارح بڻجي وڃي، جيڪو سڀ هاءِ ڪورٽون چون پيون ته پوءِ ته ڳالهه صاف آهي. عدليا ۾ مداخلت 76 سالن کان ٿي رهي آهي. ”اسان کي اعليٰ عدالتن کي بااختيار بڻائڻ گهرجي. اسان، ان معاملي ۾ مداخلت ڪري، دراصل اعليٰ عدالتن، ضلعي عدالتن، سڄي عدليه کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون. مان نه ٿو سمجهان ته اهو ڪنهن به معاملي ۾ مداخلت آهي، “هن مشاهدو ڪيو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ”هڪ عدالت قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا هر قسم جي زيادتي جي خلاف واضح فائر وال هجي“ ۽ انفرادي واقعن کي منهن ڏيڻ بدران ”سسٽم“ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جسٽس مندوخيل چيو ته سپريم ڪورٽ جڏهن کان ڪيس ٻڌي پئي، اسان جي بينچ جي ٻن ميمبرن کي نشانو بڻايو ويو آهي. ”هي مداخلت ناهي. هي ڌمڪي آهي. ”هاءِ ڪورٽ جي ججن جي معاملي کي هڪ پاسي رکو،  اسان سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڇا اهڙي طرح آزادي ٿي سگهي ٿي؟ جج پڇيو. جسٽس من الله رمارڪس ڏنا ته ”سڄي ذميواري رياست تي آهي“ جڏهن ججن جي خاندان جي ميمبرن جو ڊيٽا سرڪاري کاتن جهڙوڪ نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) مان چوري ڪري پبلڪ ڪيو ويو. ”هتي اهڙا به جج آهن، اسان ڄاڻون ٿا جن کي چيو ويو  آهي ته توهان جو ٻار فلاڻي جاءِ تي پڙهندو آهي ۽ اها رياست آهي جيڪا اهو ڪجهه ڪري رهي آهي“. ” چيف جسٽس چيو ته عدليا جي آزادي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو سپريم ڪورٽ جي اندران هو، ڪٿان ٻاهران نه هو، مون اهو سڀ ڪجهه ويجهي کان ڏٺو آهي. مهرباني ڪري مونکي پاڪستان جي 76 سالن جي تاريخ ۾ شامل نه ڪيو ۽ اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جن کي شامل نه ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران هڪ موقعي تي جسٽس منصور شاهه چيو ته ”ڪو مون کي ڏسي رهيو آهي، ڪو مون کي نوٽ ڪري رهيو آهي،  .ڪمري ۾ ڪو ڊيوائس لڳل آهي“، ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ”ڇا ائين ٿيڻ گهرجي؟ ڇا ڪنهن جمهوري ملڪ ۾ اهڙو ڪلچر هجڻ گهرجي؟. جسٽس من الله رمارڪس ڏنا ته انٽيليجنس ايجنسيون وزيراعظم جي ماتحت ڪم ڪنديون آهن. جيڪڏهن انٽيليجنس ادارن ڪجهه ڪيو ته ان جو ذميوار وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا هوندي. چيف جسٽس چيو ته فيض آباد ڌرڻي واري منهنجي ججمينٽ خلاف نظر ثاني جون ڪيتريون درخواستون آيون؟ چار سال انهن جي ٻڌڻي نه ٿي؟ ڪير ذميوار آهي؟ حڪومت نظرثاني جي درخواست التوا ۾ هجڻ جو بهانو ڪري فيصلي تي عمل نه ڪيو، مون ته فيض حميد جو لکت ۾ مداخلت جو چيو هو، حڪومت ڪهڙي ڪاروائي ڪئي؟ منهنجي گهرواري ٿاڻي تي وڃي بيان رڪارڊ ڪرايو، قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هوندو آهي، اسانکي ان جي خلاف ورزي ڪرن نه گهرجي. هڪ موقعي تي جسٽس منصور شاهه رمارڪس ڏنا ته انٽيليجنس ايجنسيون ڪهڙي قانون تحت وجود ۾ آيون، ٻين معاملن ۾ مداخلت جي صورت ۾ انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه ڪامورن کي به فون ويندا آهن، ججن جا به ۽ ٻين جا به، جيڪي ڪامورا ڪم نه ڪندا آهن انهن کي او ايس ڊي بنايو ويندو آهي. جسٽس من الله چيو ته اصل ۾ ڪجهه جج ئي آهن جيڪي مداخلت جا دروازا کولين ٿا، جسٽس منصور چيو ته اهڙن ججن خلاف مس ڪانڊڪٽ جي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي. جسٽس من الله چيو ته جڏهن ڪو جج آواز ٿاري ٿو ته ان خلاف مهم شروع ڪئي وڃي ٿي، اوهان ڏسو جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي ڪيس جي فيصلي بعد ڇا ٿيو؟ اٽارني جنرل چيو ته ان ۾ ڪجهه رٽائر جج به شامل هئا.  جسٽس من الله چيو ڪير به هجي انهن خلاف حڪومت کي ڪاروائي ڪرڻ گهرجي ڀلي اڳُوڻو چيف جسٽس ڇو نه هجي. هتي ته سچ ڳالهائڻ تي جج خلاف ريفرنس ٿو اچي وڃي. چيف جسٽس چيو ته اهو ريفرنس به ته اسان وٽ ئي اچي ٿو نه؟ اهڙي ريفرنس کي ٻاهر اڇلايو. چيف جسٽس هڪ موقعي تي چيو ته جڏهن ججن جي ڀرتي وقت اسين انتيليجنس ايجنسين کان رپورٽ گهرايون ٿا ته اهو به هٿ سان مداخلت جو موقعو ٿا ڏيون. اسين جڏهن آئين بدران ذاتي مفاد کي مقدم رکون ٿا، مانيٽنگ جج مقرر ڪريون ٿا ۽ جوائنٽ انويسٽيگيشن م ججن کي شامل ڪريون ٿا ته اهو به مداخلت جو جواز بڻجي ٿو. جسٽس مندوخيل چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو جواب اهم آهي ججن موت مار ڌمڪين جو ذڪر ڪيو آهي. عدالت ٽنهي انٽيليجنس ايجنسين آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي ڪهڙي قانون هيٺ ڪم ڪن ٿيون، انهن جا ختيار ڪهڙا آهن ۽ ڪنهن کي جوابده آهن؟ ڇا ڪو آفيسر اداري جي مفاد يا حڪم کانسواءِ جيڪڏهن ذاتي طور ڪو قدم کڻي ٿو ته ان خلاف ڪاروائي جو اختيار ڪنهن کي آهي؟ ايندڙ حاضري يعني 7 مئي تي اهي قانوني مسودا پيش ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو