مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جاسوسي جي مبينا جوابدار محمد دين جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس عائشه ملڪ تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ جاسوسي جي مبينا جوابدار محمد دين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جوابدار جي اڪائونٽ ۾ پرڏيهه مان رقم اچڻ جو الزام آهي، درخواستگذار افغانستان جو شهري آهي.وڪيل صفائي عدالت کي ٻڌايو ته اهو ثابت نه ٿيو آهي ته درخواستگذار افغانستان جو رهواسي آهي، جوابدار پاڪستاني آهي، پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ به جوڙيو ويو آهي.جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته جوابدارن جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن، جنهن تي وڪيل صفائي ٻڌايو ته ٽرائل ڪورٽ ڪيس ۾ ملوث ٻين 2 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان فريش گرائونڊ پري ٽرائل ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪريو.بعد ۾ عدالتي ٻڌڻي کانپوءِ جوابدارن درخواست واپس وٺي ڇڏي ۽ عدالت ضمانت رد ڪندي درخواست رد ڪري ڇڏي.جوابدار محمد دين خلاف گذريل سال سي ٽي ڊي ٿاڻي تي جاسوسي جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو