ماڙي جلباڻي ڪيس جو رڪارڊ طلب، رينجرز کي جواب لاءِ مهلت

ماڙي جلباڻي ڪيس جو رڪارڊ طلب، رينجرز کي جواب لاءِ مهلت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ 4 ڄڻن جي قتل ۽ عورتن سميت 12 ماڻھن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي جڊيشل انڪوائري ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي عدالت ڪيس جو مڪمل رڪارڊ، جاچ آفيسر، مدعي ۽ مقتول جي وارثن کي طلب ڪري ورتوعدالت پوليس کي ٻن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رينجرز ۽ سنڌ حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وئيرينجرز جي وڪيل چيو ته حقيقت ۾ درخواست جو جواب سنڌ حڪومت کي جمع ڪرائڻو آھي، سنڌ حڪومت مقتولن جي وارثن ۽ زخمين کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي،رينجرز پراسيڪيوٽر موجب معاوضي جي رقم اڄ تقريب ۾ ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي28 سيپٽمبر تي سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي مبينا فائرنگ ۾ 4 ڳوٺاڻا قتل ٿي ويا هئا

پهنجو تبصرو موڪليو