مانيڪا تشدد ڪيس، وڪيل جي ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا تي تشدد ڪندڙ پي ٽي آءِ جي وڪيل جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا خاور مانيڪا تشدد ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت خاور مانيڪا تشدد ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيل فتح الله برڪي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ٻين وڪيلن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.درخواستگذارن طرفان رياست حسين آزاد ايڊووڪيٽ، سردار بسي ايڊووڪيٽ ۽ ٻيا وڪيل پيش ٿيا، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار عثمان رياض گل ۽ ٻيا به عدالت ۾ پيش ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو