مال ۾ باهه لڳڻ وارو واقعو،وارثن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي راشد منهاس روڊ تي واقع شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳڻ واري ڪيس ۾ سٽي ڪورٽ جاچ آفيسر کي وارثن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سٽي ڪورٽ راشد منهاس روڊ تي شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيلن آڏو جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پوليس 5 جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي عدالت ۾ پيش ڪيو. جوابدارن جي وڪيل چيو ته سندن مائٽن سان صلح ٿي رهي آهي، هو کين معاوضو ڏيڻ لاءِ تيار آهن، پوليس اسان سان سهڪار نه ڪري رهي آهي.سرڪاري وڪيل چيو ته ڪيس ۾ هڪ جوابدار آهي جيڪو مفرور آهي، اسان کي جوابدار کي گرفتار ڪرڻو آهي، گرفتاري کانپوءِ دستاويز هٿ ڪرڻا آهن.جوابدار جي وڪيل چيو ته اسان کي ڪو به اعتراض ناهي، واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، جوابدار وٽ شاپنگ مال تي به قبضو ناهي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته جوابدار وٽ جڳهه تي قبضو آهي يا نه؟ پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ته سڀ ڪجهه ثابت ٿي ويندو.عدالت جوابدارن کان پڇاڻو ڪيو ته توهان تي تشدد نه ڪيو ويو؟ جوابدار چيو ته نه اسان تي تشدد ناهي ڪيو ويو، اسان جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن.عدالت جاچ آفيسر کي شفاف نموني جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو