ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ، ماءُ، ڀيڻ، ڀاڄائي ۽ ڀائٽي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس گهرڀاتين حلف نامو جمع ڪرائي جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. پراسيڪيوشن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي ماءُ، ڀيڻ، ڀاڄائي ۽ ڀائٽي کي قتل ڪيو آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته شريڪ جوابدار جي ضمانت، مک جوابدار جي ضمانت جو بنياد نٿي بڻجي سگهي، جڏهن ته جوابدار جي عمل سبب سماج ۾ خوف ۽ هراس پکڙيو آهي.










