لاپته ماڻهن جو پتو نه لڳائڻ تي پوليس آفيسرن تي ڪاوڙ ، شوڪاز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاپته ماڻهن جو پتو نه لڪائڻ تي پوليس آفيسرن تي ڪاوڙ ڪندي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽِس جاري ڪري ڇڏيو ٻڌڻي دوران لاپته شهري جي زال عدالت ۾ روئيندي چيو ته ڪافي عرصي کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون ڪجهه مالڪي ڪئي وڃي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ايس ايس پي کي گهرايو آهي هاڻي سخت ڪارروائي ٿيندي وفاقي گهرو سيڪريٽري رپورٽ ۾ ٻڌايو ته لاپته شهري وفاقي حڪومت جي ماتحت ڪنهن به اداري جي حراستي مرڪز ۾ نه آهي لاپته شهري وقاص بازياب ٿي پاڻ عدالت پهچي ويو ۽ پوليس لاپته شهري ڪامران جي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي عدالت ٻين شهرين جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت جي آئي ٽِيز ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس جاري رکڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت لاپته شهري حيدرعلي ڪيس جي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو