ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران پوليس ۽ صوبائي حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پوليس ۽ صوبائي حڪومت چون ٿا ته گم ٿيل شهري اسان وٽ ناهن، جيڪڏهن هو صوبائي حڪومت وٽ نه آهن ته پوءِ ڪيڏانهن ويا؟ آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڪٿي به غائب شهري ڳوليو ۽ پيش ڪريو.سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جي آءِ ٽي اجلاس جو ڪهڙو فائدو جڏهن گم ٿيل شهري بازياب نه ٿي سگهيا؟ عدالت جي آءِ ٽي سربراهه کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي چيو ته بس ڪافي ٿي ويو، گم ٿيل شهرين کي پيش ڪريو نه ته آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو ويندو.گم ٿيل شهري جي ڪيس جي جاچ ڪندي ايس پي گوشن اقبال جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.سنڌ هاءِ ڪورٽ غير حاضري تي جاچ آفيسر ايس پي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ چيو ته جيڪڏهن شهري بازياب نه ٿيو ته چئو ته مري ويو آهي، لاش گهر وارن کي ڏيکاريو، جيڪڏهن بازياب نه ٿي سگهي ته گم ٿيل شهري جي وارثن کي معاوضو ڏيو.عدالت 2 نابالغ ڇوڪرين سميت 4 ڄڻن کي بازياب ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
