لاهور ۾ اسموگ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ شهر ۾ اسموگ جي موجوده صورتحال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسموگ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سموگ جي خاتمي لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڪمشنر لاهور محمد علي رنڌاوا ۽ ٻيا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت ڪمشنر لاهور کي هدايت ڪئي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جي علائقن ۾ ڪارا دونھون ڇڏڻ جي ڪا فيڪٽري آهي ته رپورٽ پيش ڪري.عدالت ڪمشنر لاهور کي وڌيڪ هدايتون ڏيندي چيو ته ڪارا دونھون پيدا ڪندڙ فيڪٽرين کي سيل ۽ ڊي سيل نه ڪيو وڃي ۽ سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٻارن کي ڪارو دونھون نڪرڻ واري فيڪٽرين جي رپورٽنگ کان آگاهه ڪيو وڃي.ٻڌڻي دوران جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي صورتحال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته موجوده سموگ جي ذميوار موجوده حڪومت آهي، اها سموگ نومبر جي آخر ۽ ڊسمبر ۾ ايندي هئي، هاڻي اها سموگ آڪٽوبر ۾ شروع ٿي وئي آهي.عدالت فوري اسموگ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سموگ منهنجو نه پر اسان جي ٻارن جو مسئلو آهي.بعد ۾ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو